بلوچي سرود

بلوچي سرود

بلوچي سرود

بلوچي سرود: هيءُ ساز سارنگ ۽ سرحد جي سارنده سان ملندڙ جلندڙ آهي. هي به هڪ تاري ساز آهي. بلوچ ساربان گهڻو ڪري هي ساز پاڻ سان کنيو وتن، ڪوچ ڪرڻ يا پڙاءُ وقت ’ليڪو‘ نالي گيت ڳائين. ڳائڻ وقت سرود جي سنگت ڪن. ليڪو گيت جو مضمون گهڻو ڪري سفر جي تڪليف، پنهنجي گهر جي سکن ۽ پنهنجي پيارن جي يادگيريءَ سان ڀريل هوندو آهي. هي ساز پڪي ڪاٺ جي ٽڪر مان ٺاهين؛ ڪاٺ کي کوٽي کوکلو ڪن. هن ساز جي طبلي فقيرن جي ڪشڪول جهڙي ٿئي ۽ سارنگ توڙي سارنده کان وڏي به ٿئي. هن جي وڄڻ وارين تارن جي هيٺيان طربون به ٿين. هن ساز کي گزي سان وڄائبو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو